چانڊيو، شهمير خان

چانڊيو، شهمير خان

چانڊيو شهمير خان

چانڊيو، شهمير خان: ٻارن جو ليکڪ ۽ راڳي شهمير خان چانڊيو، 1944ع ڌاري ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد ۾ ڄائو. 1960ع ڌاري ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان فائنل پاس ڪيائين ۽ ان ئي دور ۾ روزاني ’مهراڻ‘ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازم ٿيو، جتان 2002ع ڌاري رٽائر ٿيو. هن شروع ۾ افسانا لکيا ان کانپوءِ مضمون ۽ ٻاراڻيون ڪهاڻيون به لکڻ لڳو. سندس لکڻيون: پيغام سنڌ، بختاور، سرتيون، گل ڦل، مهراڻ، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيون. سندس ٻاراڻين ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ’اڏام کٽولي‘ ڇپائيءَ هيٺ آهي. شهمير خان چانڊيي کي ڳائڻ جو شوق شاگردي واري دؤر کان هو. پاڪستان ٽيلي ويزن تي ڪچهري پروگرام ۾ ڳايائين ۽ ريڊيي حيدرآباد تي ڪيترائي پروگرام ڪيائين. ريڊيي تي طارق عالم جي ڊرامي ’پنهنجو پاڻ خيال‘ ۾ ’مٽي حڪم ڪريندي هزار‘ ڪلام ڳائي، ڊرامي کي وڏي مقبوليت ڏياري. قومپرست تحريڪن جي قومي پروگرامن ۾ به ڳائيندو رهيو آهي. سندس ڪيترين علمي، ادبي ۽ سياسي تنظيمن سان واسطو رهيو آهي. سندس خاص فيلڊ ٻاراڻو ادب آهي. هن سماجي شخصيتن تي ڪيترا سوانحي خاڪا به لکيا آهن ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. هن وقت ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو